حسن عابدي

حسن عابدي

حسن عابدي

حسن عابدي: نامياري شاعر ۽ صحافي حسن عابديءَ جو پورو نالو حسن عسڪري عابدي هو. هن 7 جولاءِ 1929ع تي مظفر آباد ضلعي جي جونپور شهر ۾ جنم ورتو. هن اعظم ڳڙهه ۽ الهه آباد مان تعليم حاصل ڪئي. 1948ع ۾ لڏي پاڪستان آيو، پهريان لاهور ۽ پوءِ ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائين. لاهور ۾ رهائش دوران هن 1955ع ۾ روزاني اخبار ’آفاق‘ کان پنهنجي صحافتي ڪيريئر جي شروعات ڪئي ۽ پوءِ هو فيض احمد فيض جي ادارت ۾ نڪرندڙ مشهور رسالي ’ليل و نهار‘ سان لاڳاپجي ويو. اهو رسالو بند ٿيڻ کانپوءِ ڪراچيءَ آيو، جتي هن روزاني ’مشرق‘ ۽ ’اخبار خواتين‘ ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. پوءِ هن روزاني ’ڊان‘ ۾ ادبي ۽ ثقافتي ڪالم لکڻ جو سلسلو شروع ڪيو، جيڪو سندس وفات تائين جاري رکيائين.
حسن عابديءَ جي تصنيفن ۾: ’ڪاغذ ڪي ڪشتي‘، ’دوسري نظمين‘، ’جريده‘ ۽ ’فرار هونا‘ شامل آهن. هن جي وفات کان ڪجهه عرصو اڳ سندس يادگيريون ’جنون جتني ڀي گذري‘ جي عنوان سان شايع ٿين. حسن عابدي هڪ سٺو مترجم به هو. هن مشهور دانشور ڊاڪٽر اقبال احمد جي 62 مضمونن جو اردو ترجمو، ’اقبال احمد ڪي منتخب مضامين’ جي نالي سان ڪيو. ان کانسواءِ هن جو ترجمو ٿيل هڪ ڪتاب ’ڀارت ڪا بحران‘ جي نالي سان پڻ شايع ٿيو. حسن عابديءَ ٻارن لاءِ به ڪيتريون ڪهاڻيون ۽ نظم لکيا. هو ڪراچي پريس ڪلب جو صدر به رهيو، هو هڪ ترقي پسند اديب هو ۽ ڪيترائي ڀيرا جيل به ويو. هن 6 سيپٽمبر 2005ع تي وفات ڪئي ۽ ڪراچيءَ جي واديءِ حسين قبرستان ۾ آرامي آهي.


لفظ حسن عابديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1929.07.07  عيسوي

نامياري شاعر ۽ صحافي حسن عابديءَ جو پورو نالو حسن عسڪري عابدي هو. هن 7 جولاءِ 1929ع تي مظفر آباد ضلعي جي جونپور شهر ۾ جنم ورتو.


2005.09.06  عيسوي

نامياري شاعر ۽ صحافي حسن عابديءَ 6 سيپٽمبر 2005ع تي وفات ڪئي ۽ ڪراچيءَ جي واديءِ حسين قبرستان ۾ آرامي آهي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خانائي حامد علي قريشي
عبداللطيف مهر
سمرسيٽ ماهم
نسيم ٿيٻو
احمد سلطان کوسو
عالم سجاولي پير
شيخ عبدالقادر ڪوڪباني
طارق اشرف
زاهده تاج ابڙو
امر لعل هنڱوراڻي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون